مولانا ساجد علي سبحاني
ولد دادن خان چانڊيو. هن مدرسي جا قابل ترين ۽ محنتي شاگرد آهن جنهن 2003ع ۾ پنهنجي ديني تعليم جو آغاز ڪيو. ديني تعليم سان گڏو گڏ دنياوي
تعليم به حاصل ڪندا رهيا آهن.
دنياوي
تعليم
پرائمري
پهرين
درجي کان پنجي درجي جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٿين عاليوال تعلقي ميهڙ ضلعي دادو
۾ اسڪول نالي _ پرائمري اسڪول اپر عاليوال _ ۾ حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ
اسڪول
اپر عاليوال کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ميهڙ شهر ڏانهن ويا ۽ اتي هاءِ اسڪول نالي _ هاءِ اسڪول نمبر 2 ميهڙ_ ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
انٽر
ميهڙ
هاءِ اسڪول کان فارغ ٿيڻ بعد قاضي عارف شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ محمد قاضي عارف _
ڏانهن ويا ۽ 2 سالن ۾ انٽر پاس ڪيائين.
بي.
اي
قاضي
عارف کان فارغ ٿيڻ بعد ميهڙ شهر ڏانهن ويا ۽ اتي ڪاليج نالي _ ڊگري ڪاليج ميهڙ_ ۾ بي.اي پڙهي رهيا آهن.
ديني
تعليم
2003ع ۾
پنهنجي ديني تعليم جو باقاعدگي سان آغاز ڪيائين.اگر چه 2007ع ۾
ئي پنهنجي تعليم پوري ڪري ويا هئا ليڪن مدرس جي نه هجڻ ڪري پنهنجي تعليم کي پٺ تي رکندو
مدرسي ۾ تدريس سان گڏ منهنجي تعليم به آهسته آهسته وڌائيندا رهيا.
۽
2009ع تائين هن مدرسي ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ هنن ڇهن سالن ۾
مرڪز _ جامعه علميه ڪراچي_ جي طرفان هر سال ٿيندڙ
امتحانن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. ۽ شرح لمعه دوم پوري ڪيائين.
ڪراچي
ڏانهن سفر
پنهنجي
تعليم کي جاري رکندي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ 2009ع ۾
ڪراچي جي مشهور اڪيڊمي قرآن و عترت اڪيڊمي سولجر بازار نمبر 3 ڪراچي ۾ داخلا
ورتائون ۽ شرح لمعه دوم کان رسائل اول ۽ مڪاسب دوم تائين اتي تعليم حاصل ڪيائون ۽
مدرسي
طرفان معمم ٿيا ۽ ٽقة الاسلام جي سند حاصل ڪيائون.
2012ع ۾
المصطفي انٽر نيشنل يونيورسٽي ايران جي طرفان ٿيندڙ امتحان ۾ پاس ٿيو ۽ بالاخر 2014ع ۾
يونيورسٽي جي سڏ تي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايران جي مشهور شهر قم المقدس ويا ۽
اڃان تائين اتي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
خدمتون
هن
عرصي دوران مختلف ديني خدمتون جهڙوڪ: محرم الحرام ۾
مختلف جاين تي عشرا، پڙهڻ ۽ ماه مبارڪ رمضان ۾
درس تدريس عيد الفطر ۽ عيد العضحي ۾
مختلف شهرن ۾ عيد نمازون پڙهائڻ پڻ شامل آهن.
۽ مدرسه
سفينه اهلبيت عليهم السلام ۽ قرآن و عترت اڪيڊمي ۾ تدريس جا
فرائض پڻ انجام ڏيندا رهيا آهن.
مدرسه
سفينه اهلبيت عليهم السلام جي طرفان ٿيل مختلف پروگرامن ۾ پنهنجون خدمتون انجام
ڏيندا رهيا ۽ هڪ اهم ذميواري جيڪا ان جي ڪنڌن تي رکي آهي اها هن ويب جي مسئوليت
آهي جيڪا باخوبي صحيح طريقي سان انجام ڏئي رهيا آهن.
No comments:
Post a Comment