مولانا عبدالرشيد محسني ولد حبيب علي
چانڊيو. هن مدرسي جا قابل ترين شاگرد آهن جنهن مدرسي جي 2000ع ۾ آغاز سان ئي پنهنجي ديني تعليم جو
آغاز ڪيو. ديني تعليم سان گڏو گڏ دنياوي تعليم به حاصل ڪندا رهيا آهن. ۽ مولانا
عبدالرسول ۽ نصباب علي جا هم ڪلاسي آهن.
دنياوي تعليم
پرائمري
پهرين درجي کان پنجي درجي جي تعليم
پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٿين عاليوال تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ اسڪول نالي _ پرائمري اسڪول
اپر عاليوال _ ۾ حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ
وڌيڪ
پڙهڻ لاءِ مٿين عاليوال کان 6 ڪلو ميٽر پري فريدآباد شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _
فريدآباد هاءِ اسڪول_ ڏانهن ويا ۽ 5 سالن ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
انٽر
فريدآباد هاءِ اسڪول کان فارغ ٿيڻ بعد
مٿين عاليوال کان 24 ڪلو ميٽر پري قاضي عارف شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ محمد قاضي
عارف _ ڏانهن ويا ۽ 2 سالن ۾ انٽر پاس ڪيائين.
ديني تعليم
2000ع ۾
جيئن ئي مدرسه سفينه اهلبيت عليهم السلام جو سنگ بنياد پيو ان ئي ڏينهن کان پنهنجي
ديني تعليم جو باقاعدگي سان آغاز ڪيائين.
2005ع تائين
هن مدرسي ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ هنن پنجن سالن ۾ مرڪز _ جامعه علميه
ڪراچي_ جي طرفان هر
سال ٿيندڙ امتحانن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. سيوطي دوم ۽ منطق دوم پوري ڪيائين.
ڪراچي ڏانهن سفر
پنهنجي تعليم کي جاري رکندي اعلى
تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ 2005ع ۾
ڪراچي جي مشهور مدرسي مدينة العلم سولجر بازار نمبر 3 ڪراچي ۾ داخلا ورتائون ۽ شرح
لمعه اول کان رسائل دوم ۽ مڪاسب دوم پڙهڻ کان پوءَ مدرسه سفينه اهلبيت عليهم
السلام ۾ مدرسي جا فرائض انجام ڏئي رهيا آهن.
خدمتون
هن عرصي دوران مختلف ديني خدمتون
جهڙوڪ: محرم الحرام ۾
مختلف جاين تي عشرا، جنهن ۾ ڪئي ڳوٺ عمر ڪوٽ، ٽنڊو ڄام ، حالا وغيره شامل آهن ۽ ماه مبارڪ رمضان ۾ درس تدريس عيد الفطر ۽ عيد العضحي ۾
مختلف شهرن ۾ عيد نمازون پڙهائڻ پڻ شامل آهن.
بهترين مدرس ۽ خطيب پڻ آهن.
مولا امام زمان عليه السلام ان جي
توفيقات خير ۾ اضافو فرماءِ ۽ ان کي علم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان تي عمل ڪرڻ جي
توفيق عطا فرماءِ ۽ دين مبين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي اڃا توفيق عطا فرماءِ.
No comments:
Post a Comment