مولانا راشد علي چانڊيو
ولد برڪت علي چانڊيو. هن مدرسي جا قابل ترين شاگرد آهن جنهن مدرسي ۾ 2001ع ۾ پنهنجي ديني تعليم جو
آغاز ڪيو. ديني تعليم سان گڏو گڏ دنياوي تعليم به حاصل ڪندا رهيا آهن.
دنياوي تعليم
پرائمري
پهرين درجي کان پنجي درجي
جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ دوست علي چانڊيو تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ اسڪول نالي _
دوست علي چانڊيو _ ۾ حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ ۽ انٽر
اسڪول دوست علي چانڊيو
کان فارغ ٿيڻ بعد مٿين عاليوال کان 24 ڪلو ميٽر پري قاضي عارف شهر ۾ هاءِ اسڪول
نالي _ محمد قاضي عارف _ ڏانهن ويا ۽ 7 سالن ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪيائين.
ديني تعليم
2001ع ۾ پنهنجي ديني تعليم جو باقاعدگي سان آغاز ڪيائين.
2005ع تائين هن مدرسي ۾ پنهنجي
تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ هنن چئن سالن ۾ مرڪز _ جامعه علميه ڪراچي_ جي طرفان هر سال ٿيندڙ امتحانن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. سيوطي اول ۽ منطق
اول پوري ڪيائين.
ڪراچي ڏانهن سفر
پنهنجي تعليم کي جاري
رکندي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ 2005ع ۾ ڪراچي جي مدرسي جامعة الاطهار ۾ 1 سال پڙهيا پوءِ مدرسي مدينة العلم سولجر بازار نمبر 3
ڪراچي ۾ داخلا ورتائون ۽ شرح لمعه اول کان رسائل دوم ۽ مڪاسب دوم تائين اتي تعليم
حاصل ڪيائون.
2012ع ۾ المصطفي انٽر نيشنل يونيورسٽي ايران جي طرفان ٿيندڙ امتحان ۾ پاس
ٿيو ۽ بالاخر 2014ع ۾ يونيورسٽي جي سڏ تي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايران جي مشهور شهر
قم المقدس ويو ۽ اڃان تائين اتي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
خدمتون
هن عرصي دوران مختلف ديني
خدمتون جهڙوڪ: محرم الحرام ۾ مختلف جاين تي عشرا، پڙهڻ ۽ ماه مبارڪ رمضان ۾ درس تدريس عيد الفطر ۽ عيد العضحي ۾ مختلف شهرن ۾ عيد نمازون پڙهائڻ پڻ شامل آهن.
مولا امام زمان عليه
السلام ان جي توفيقات خير ۾ اضافو فرماءِ ۽ ان کي علم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان تي
عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ دين مبين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي اڃا توفيق عطا
فرماءِ.
No comments:
Post a Comment