Thursday, July 10, 2014

مولانا عبدالرسول محسني



هن مدرسي کان ڪافي تعداد ۾ شاگرد فارغ ٿيا آهن ليڪن اسان هتي فقط انهن شاگردن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي فارغ ٿيڻ کانپوءِ يا ته اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن، ملڪن ۾ ويا آهن يا فارغ ٿيڻ کان پوءِ ديني خدمات انجام ڏئي رهيا آهن.

مولانا عبدالرسول محسني ولد حبيب علي چانڊيو. هن مدرسي جا قابل ترين ۽ اولين شاگرد آهن جنهن مدرسي جي 2000ع ۾ آغاز سان ئي پنهنجي ديني تعليم جو آغاز ڪيو. ديني تعليم سان گڏو گڏ دنياوي تعليم به حاصل ڪندا رهيا آهن.
دنياوي تعليم
پرائمري
پهرين درجي کان پنجي درجي جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٿين عاليوال تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ اسڪول نالي _ پرائمري اسڪول اپر عاليوال _ ۾ حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ
 وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مٿين عاليوال کان 6 ڪلو ميٽر پري فريدآباد شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ فريدآباد هاءِ اسڪول_ ڏانهن ويا ۽ 5 سالن ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
انٽر
فريدآباد هاءِ اسڪول کان فارغ ٿيڻ بعد مٿين عاليوال کان 24 ڪلو ميٽر پري قاضي عارف شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ محمد قاضي عارف _ ڏانهن ويا ۽ 2 سالن ۾ انٽر پاس ڪيائين.
بي. اي
قاضي عارف کان فارغ ٿيڻ بعد ميهڙ شهر ڏانهن ويا۽  اتي ڪاليج نالي _ ڊگري ڪاليج ميهڙ_ ۾ بي.اي پاس ڪيائين.
ديني تعليم
2000ع ۾ جيئن ئي مدرسه سفينه اهلبيت عليهم السلام جو سنگ بنياد پيو ان ئي ڏينهن کان پنهنجي ديني تعليم جو باقاعدگي سان آغاز ڪيائين.
2005ع تائين هن مدرسي ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ هنن پنجن سالن ۾ مرڪز _ جامعه علميه ڪراچي_  جي طرفان هر سال ٿيندڙ امتحانن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. سيوطي دوم ۽ منطق دوم پوري ڪيائين.
ڪراچي ڏانهن سفر
پنهنجي تعليم کي جاري رکندي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ 2005ع ۾ ڪراچي جي مشهور مدرسي مدينة العلم سولجر بازار نمبر 3 ڪراچي ۾ داخلا ورتائون ۽ شرح لمعه اول کان شرح لمعه چهارم تائين اتي تعليم حاصل ڪيائون.
2009ع ۾ قرآن و عترت اڪيڊمي ۾ داخلا ورتائون ۽ شرح لمعه پنجم کان آغاز ڪندي شرح لمعه ششم . رسائل اول ، مڪاسب اول پوري ڪرڻ بعد مدرسي طرفان معمم ٿيا ۽ ٽقة الاسلام جي سند حاصل ڪيائون.
خدمتون
هن عرصي دوران مختلف ديني خدمتون جهڙوڪ: محرم الحرام ۾ مختلف جاين تي عشرا، جنهن ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ مسلسل 4 سال عشرو پڙهڻ ۽ ماه مبارڪ رمضان ۾ درس تدريس عيد الفطر ۽ عيد العضحي ۾ مختلف شهرن ۾ عيد نمازون پڙهائڻ پڻ شامل آهن.
۽ مدرسه سفينه اهلبيت عليهم السلام ۽ قرآن و عترت اڪيڊمي ۾ تدريس جا فرائض پڻ انجام ڏيندا رهيا آهن. بهترين مدرس ۽ بهترين خطيب پڻ آهن.

2011ع ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عراق جي شهر نجف اشرف عراق ويا ۽ اڃان تائين اتي مصروف تعليم آهن مولا امام زمان عليه السلام ان جي توفيقات خير ۾ اضافو فرماءِ ۽ ان کي علم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ دين مبين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي اڃا توفيق عطا فرماءِ.

No comments:

Post a Comment