Thursday, July 10, 2014

مولانا نصباب علي نعيمي


مولانا نصباب علي ولد شاه علي چانڊيو. هن مدرسي جا قابل ترين شاگرد آهن جنهن مدرسي جي 2000ع ۾ آغاز سان ئي پنهنجي ديني تعليم جو آغاز ڪيو. ديني تعليم سان گڏو گڏ دنياوي تعليم به حاصل ڪندا رهيا آهن. ۽ مولانا عبدالرسول محسني جا هم ڪلاسي آهن

دنياوي تعليم
پرائمري
پهرين درجي کان پنجي درجي جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٿين عاليوال تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ اسڪول نالي _ پرائمري اسڪول اپر عاليوال _ ۾ حاصل ڪيائين.
ميٽرڪ
 وڌيڪ پڙهڻ لاءِ مٿين عاليوال کان 6 ڪلو ميٽر پري فريدآباد شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ فريدآباد هاءِ اسڪول_ ڏانهن ويا ۽ 5 سالن ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين.
انٽر
فريدآباد هاءِ اسڪول کان فارغ ٿيڻ بعد مٿين عاليوال کان 24 ڪلو ميٽر پري قاضي عارف شهر ۾ هاءِ اسڪول نالي _ محمد قاضي عارف _ ڏانهن ويا ۽ 2 سالن ۾ انٽر پاس ڪيائين.
بي. اي
قاضي عارف کان فارغ ٿيڻ بعد ميهڙ شهر ڏانهن ويا ۽  اتي ڪاليج نالي _ ڊگري ڪاليج ميهڙ_ ۾ بي.اي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
ديني تعليم
2000ع ۾ جيئن ئي مدرسه سفينه اهلبيت عليهم السلام جو سنگ بنياد پيو ان ئي ڏينهن کان پنهنجي ديني تعليم جو باقاعدگي سان آغاز ڪيائين.
2005ع تائين هن مدرسي ۾ پنهنجي تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ هنن پنجن سالن ۾ مرڪز _ جامعه علميه ڪراچي_  جي طرفان هر سال ٿيندڙ امتحانن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا. سيوطي دوم ۽ منطق دوم پوري ڪيائين.
ڪراچي ڏانهن سفر
پنهنجي تعليم کي جاري رکندي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ 2005ع ۾ ڪراچي جي مشهور مدرسي مدينة العلم سولجر بازار نمبر 3 ڪراچي ۾ داخلا ورتائون ۽ شرح لمعه اول کان آغاز ڪيائين شرح لمعه دوم ، سوم ، چهارم، پنجم ، ششم ، رسائل اول ، دوم ۽ مڪاسب جا سڀ جلد ختم ڪري درس ڪفايه پڙهي رهيو آهي.
خدمتون
هن عرصي دوران مختلف ديني خدمتون جهڙوڪ: ماه مبارڪ رمضان ۾ درس تدريس عيد الفطر ۽ عيد العضحي ۾ مختلف شهرن ۾ عيد نمازون پڙهائڻ پڻ شامل آهن.
۽ مدرسه سفينه اهلبيت عليهم السلام ۾ تدريس جا فرائض پڻ انجام ڏيندا رهيا آهن. بهترين مدرس ۽ بهترين خطيب پڻ آهن.

مولا امام زمان عليه السلام ان جي توفيقات خير ۾ اضافو فرماءِ ۽ ان کي علم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ دين مبين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي اڃا توفيق عطا فرماءِ.

No comments:

Post a Comment